زرداري غلام حسين

زرداري غلام حسين

زرداري غلام حسين

زرداري، غلام حسين: مشهور فنڪار غلام حسين ولد شير محمد زرداري 1966ع ڌاري تعلقي دولتپور- ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ باڪي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، 1976ع ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار مصري خان زرداري جو باقاعدي شاگرد ٿي محفلن ۾ ڳائڻ لڳو. ان عمر ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ’ٻارڙن جي ٻاري‘ ۾ ڳائيندو هو. سنڌ جي مختلف ڪيسٽ ڪمپنين طرفان هن جون 100 کان وڌيڪ ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. هن ريڊيو پاڪستان سان گڏ ٽي.وي ۽ مختلف انٽرنيشنل ورڪشاپن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو